پور بندر: پُور بندر ۽ ڪڇ

پور بندر: پُور بندر ۽ ڪڇ (ڀارت) ۾ هڪ شهر ۽ سامونڊي بندر جنهن کي حرف عام ۾ ’پُر بندر‘ چوندا آهن. هيءُ وڏو مرڪزي بندرگاهه هو. سنڌ جا ماڻهو حج ڏانهن وڃڻ لاءِ پور بندر تان ٻيڙي يا غوراب ۾ چڙهندا هئا. انگريزن جي دور ۾ دُخاني جهاز هلڻ لڳا، تڏهن به پور بندر استعمال ٿيندو هو. پور بندر ميمڻ جماعت جو وڏو واپاري مرڪز هو، ڇاپخانا به هوندا هئا، اتر سنڌ جا ناشر پنهنجا ڪتاب لاهور ۽ امرتسر جي ڇاپخانن مان ڇپائيندا هئا، جڏهن به لاڙ (ميرپور بٺوري) جا مصنف ۽ ناشر پنهنجا ڪتاب پور بندر ۽ بمبئي مان ڇپائيندا هئا. سنڌي ڪتابن جي ڇپائي گهڻو ڪري ڪاٺياواڙي ميمڻن جي ڇاپخانن ۾ ٿيندي هئي. سنڌ جي سرتاج ۽ يگاني صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ سُر سريراڳ ۾ پوربندر جو ذڪر ڪيو آهي.
سيد ساٿ سندوم، پُر بندر پهچائين!


هن صفحي کي شيئر ڪريو